لاهور (پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ کي الوداع چوندڙ اڳوڻي وزير دفاع پرويز خٽڪ جهانگير ترين جي پارٽي ۾ شموليت جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب اڳوڻي وزير دفاع پرويز خٽڪ جو جهانگير ترين سان رابطو ٿي ويو آهي، ساٿين سوڌو شموليت جو امڪان آهي. ذريعن موجب جهانگير ترين ۽پرويز خٽڪ ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن، پرويز خٽڪ ڪيترن ئي ڏينهن کان جهانگير ترين سان رابطي ۾ آهي. پرويز خٽڪ ساٿين سوڌو جهانگير ترين جي پارٽي استحڪام پاڪستان ۾ شامل ٿيندو، ذريعن موجب پرويز خٽڪ کي استحڪام پاڪستان پارٽي جو جنرل سيڪريٽري بڻائڻ جو امڪان آهي.