اسلام آباد(بيورورپورٽ) فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن سي ايس ايس جي 2022ع جي امتحانن جي نتيجن جو اعلان ڪيو آهي، سنڌ جي 58 اميدوارن سميت 374 اميدوارن کي لکت سان گڏ واءِ وا ۾ به ڪامياب قرار ڏيندي 237 جي مقرري جي سفارش ڪئي وئي آهي. 223 مرد ۽ 151 عورتون ڪامياب قرار ڏنا ويا. ڪل 20 هزار 262 اميدوارن فارم ڀريا جن مان 393 لکت ٽيسٽ پاس ڪئي. 374 واءِ وا مان پاس ٿيا، ڪاميابي جي شرح 1.85 سيڪڙو رهي. 4 اميدوار واءِ وا مان غائب رهيا. 9 ڄڻا اهل قرار نه ڏنا ويا 5 اميدوار نااهل قرار ڏنا ويا، پاس ٿيندڙن مان سنڌ ٻهراڙي سان واسطو رکندڙن ۾ بريرا بلو، علي احمد، عبدالغفار، ساجد شبير، محمد احسن، محمد حشام، مومل مري، افيره خورشيد، مرتضيٰ حسين، سويرا، ڪرن، محمد اساما، عرفان گل، رب ڏنو، سجاد احمد، عبدالاحد، منصور شبير، طلحه محفوظ، فصيح احمد جلباڻي، سعد زبير، محمد حسيب امداد، پير جميل حسين، نعيم عباس، پارس، محمد فهد، محمد طاهر امن، سجاد الرحمان کهڙو، احمد، نرمل، ارجا بتول،  آمنا شبير، وقار سرور عباسي، شهزاد علي، شاهه فيصل، محمد ابراهيم، جيوڻ لال، عبدالصمد، جنيد احمد، محمد ڪامران، بختاور يوسفاڻي، اويس رضا بروهي ڪامياب آهن جڏهن ته سهيل احمد،  اشفاق احمد ۽ علي افضل کي طبي بنيادن تي ڊيفر ڪيو ويو آهي.  سنڌ شهري وارن ۾ روهت ڪمار، سيف علي مغل، انعم حسين، درشم شيخ، باسل عريض فاروقي، سونهن سومرو، آسيا سيد، شاهه رخ، سيد عماد الحق، مرزا امين حيدر، سيد منان علي زيدي، زويا صديق، سيد ارسلان آصف ۽ ماهه نور کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.