ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي ۾ جھيڙو، ايس ايس پي بشير بروهي جي ڀائٽي کي چماٽون، پوليس هڪ شاگرد کي کنڀي ٿاڻي کڻي آئي، شاگردن جو ڌرڻو، ان ڏس ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ معمولي ڳالهه تان شاگردن ۾ جھيڙو ٿيو، انهي دوران ايس ايس پي (سي ٽي ڊي) بشير بروهي جي ڀائٽي کي چماٽون هنيون ويون. جنهن بعد پوليس يونيورسٽي پهچي هڪ شاگرد کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته  ايس ايس پي ڀائٽي جي فرياد تي مٿس ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ تشدد ۽ قتل جي ارادي جا قلم شامل ڪيا ويا، يونيورسٽي مان شاگرد جي گرفتاري ۽ ڪيس داخل ٿيڻ خلاف آءِ ايس او جي سڏ تي شاگردن يونيورسٽي جي جوبلي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. شاگرد اڳواڻن الزام هنيو ته بشير بروهي جي ڀائٽي سي ٽي ڊي اهلڪارن سان گڏجي شاگردن تي تشدد ڪيو ۽ ڪوڙي ايف آءِ آر به داخل ڪرائي، ايس پي بشير بروهي اثر رسوخ استعمال ڪندي ايف آءِ آر داخل ڪرائي. هنن چيو ته يونيورسٽي جي معاملن ۾ مداخلت ٿي رهي آهي، گورنر واقعي جو نوٽيس وٺي، ٻئي طرف ايس ايس پي بشير بروهي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته تنظيم جي شاگردن آئوٽ سائيڊرن سان گڏجي منهنجي ڀائٽي تي تشدد ڪيو، منهنجي ڀائٽي يونيورسٽي انتظاميا  شڪايت ڪرڻ بعد قانوني طريقو اختيار ڪندي ايف آءِ آر داخل ڪرائي، ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ احتجاج ڪيو پيو وڃي