ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) برطانيا جِي راڻي ايلزبيٿ جي مڙس پرنس فلپ جون آخري رسمون ايندڙ هفتي ادا ڪيون وينديون، برطانوي سرڪار طرفان شهزاد فلپ جي لاڏاڻي تي 8 ڏينهن سوڳ جو اعلان، لنڊن جي بڪنگهم پئليس ٻاهر ماڻهن جي پهچڻ جو سلسلو جاري آهي، شهرين طرفان شهزاد فلپ سان محبت جو اظهار ڪيو ويو آهي.