تتل ڌرتي تي ويٺل پيرين اگهاڙي معصوم نينگر جي ڪهاڻي سندس مايوس چهرو ئي ٻڌائي ٿو. بلوچستان کان مزدوري سانگي بروهي قبيلي جا لاڏائو ماڻهو ايندا آهن، جيڪي ڪڻڪ جي مند ۾ گاجي کهاوڙ ڀرسان مڱيو مسڻ ۾ رهي ڪري مزدوري ڪندا آهن پر انهن جي جهوپڙين کي اوچتو باهه لڳي وئي ۽ جهوپڙين سميت سمورو سامان متاثرن جو سڙي ويو آهي پر ان سڙي خاڪ بڻجي ويل جهوپڙين کي هڪ معصوم نينگر وڏي حسرت جي نگاهه سان مٿي تي هٿ ڏئي ڏسي رهيو آهي ۽ سوچي رهيو آهي ته ڪجهه ڏينهن کان وٺي انهن جهوپڙين ۾ ڌر تتي جو رهندا هياسين ۽ سخت گرمي ۾ پناهه جهوپڙين ۾ وٺندا هياسين ۽ راند کيڏندا هياسين پر اهي ته جهوپڙيون سڙي ويون آهن ته هاڻي ڪيڏانهن وينداسين، سخت گرمي ۾ ڪٿي پناهه وٺنداسين، سمورا هن جا خواب خاڪ ٿي ويا. (مدثر کهاوڙ جو واٽس ايپ ميسيج)