فيس بوڪ جا سوشل پليٽ فارم هڪ ڀيرو ٻيهر ڊائون ٿي ويا جنهن ڪري صارفين پريشانين کي منهن ڏنو جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي فيس بوڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ مٿان تنقيد ڪندي مزاحيه ۽ طنزيه پوسٽن جو سلسلو شروع ٿي ويو، پاڪستان ۾ جمعي جي آڌي رات جي لڳ ڀڳ جڏهن اڪثر ماڻهو واٽس ايپ تي هڪٻئي کي پيغام موڪلي رهيا هئا ۽ انسٽاگرام ۽ فيس بڪ تي پنهنجون پسنديده پوسٽون ڏسي رهيا هئا ته اوچتو انهن ٽنهي ايپس پنهنجي صارفين کان ناراض ٿي منهن موڙي ڇڏيو. اسان وانگر ڪيترن ئي ماڻهن اهو سمجهيو ته شايد انٽرنيٽ خراب ٿي وئي آهي، ڪجهه ماڻهن پنهنجي واءِ فاءِ بدران موبائيل ڊيٽا پيڪيج تي منتقل ڪري اهي پليٽ فارم هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ته کين معلوم ٿيو ته گڙ ٻڙ انٽرنيٽ ۾ ناهي، مسئلو اڃا ڪو ٻيو آهي ۽ جڏهن ڪيترين ئي ڪوششن باوجود به هي ايپس نه هليون ته ڪجهه ماڻهو ته اهو سمجهيا ته سندن اڪائونٽس هيڪ ٿي ويا آهن ۽ پوءِ اهو ئي ٿيو جيڪو انهن موقعن تي ٿيندو آهي، سڀني سڀ ڪجهه ڇڏي ٽوئيٽر ڏانهن ڊوڙ پاتي ته ڏسو اصل ماجرا آهي ڪهڙي؟ اتان خبر پئي ته فيس بوڪ جي ملڪيت ۾ موجود انهي ٽنهي سوشل ميڊيا پليٽ فارم جون خدمتون سڄي دنيا ۾ ڪروڙين صارفين لاءِ معطل آهن. فيس بوڪ ۽ انسٽاگرام جا پيج لوڊ هجڻ بدران هڪ ايرر پيغام نظر اچي ٿو، جڏهن ته واٽس ايپ به ڪافي دير تائين ڪنيڪٽ نه ٿي رهيو هو، تقريبن 20 منٽن تائين سروس معطل رهڻ بعد بحال ٿي وئي، پر اڄ جي دور ۾ ڇا اوهان 20 منٽ تائين واٽس ايپ يا فيس بوڪ يا انسٽاگرام جو ڊائون ٿيڻ برداشت ڪري سگهو ٿا؟ بلڪل نه، ۽ صرف انهن 20 منٽن ۾ ئي سوشل ميڊيا صافين ان حوالي سان لاتعداد ميمبر ٺاهي ورتا ۽ سڄي دنيا ۾ انسٽاگرام ڊائون جو هيش ٽرينڊ ڪرڻ لڳا. اسان اها ڳالهه ته تسليم ڪريون ٿا ته اسان مان تمام گهڻا ماڻهو زوم تي آن لائين ڪلاسسز وٺندا آهن، پريزنٽيشنز ڏيندا آهن ۽ آفيس جون ميٽنگس ۾ مائيڪ ميوٽ ڪري ويٺا رهندا آهن، ان تي جيني نالي صارف لکيو ته انسٽاگرام هميشه ڊائون هوندو آهي، آخر زوم ڊائون ڇو ناهي ٿيندو.