ٺٽو :  پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر ۽ وڏي وزير جي خاص معاون صادق علي ميمڻ چيو آهي ته مٿانهن کان 40 سيڪڙو پاڻي جي گھٽ اچڻ ڪري ٺٽي ۾ پاڻي جي فراهمي وارا بندي هيٺ ڪئي پئي وڃي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٺٽي کي ڄامشورو کان 9100 ڪيوسڪ جي ڊزائين رکندڙ ڪلري بگھاڙ واھ اپر ۾ هن وقت 32 سئو ڪيوسڪ پاڻي جي فراهمي ٿي رهي آهي ۽ ان مان پاڻي جو وڏو حصو ڪينجھر کي ڏنو وڃي ٿو جنهن مان ڪراچي پاڻي جي فراهمي بدستور ڪئي ويندي آهي هن چيو ته ٺٽي ۾ پاڻي جي شڊيد کوٽ ڪري وارا بندي ڪري ترجيح بنيادن تي پوڇڙ ۽ شهري آبادي وارن علائقن کي پاڻي ڏنو پيو وڃي ته جيئڻ انساني آبادي پاڻي واپرائي سگھي هن اهو به انڪشاف ڪندي چيو ته پاڻي جي 1991 واري ٺاھ ۾ ڪينجھر لاٰ 1200 ڪيوسڪ پاڻي ڌار رکيل آهي پر اڄ ڏينهن تائين ڪينجھر کي جدا 12 سئو ڪيوسڪ پاڻي جي مٿانهن ڌار فراهمي نه ڪئي وئي آهي جنهنڪري ٺٽي جي پاڻي جو وڏو حصو ڪينجھر ۾ وڃي رهيو آهي ۽ ٺٽو واسين کي پاڻي جگھٽ فراهمي سبب ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي هن چيو ته هن وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پڻ تازو ڪي فور منصوبي جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي وزير اعظم کي چيو آهي ته ٺٽي وارا پاڻي جي کوٽ لاءِ دانهون ڪري رهيا آحن جنهنڪري مٿانهن کان .ئي پاڻي جي ٺاھ موجب ڪينجھر جو پنهنجو 12 سئو ڪيوسڪ پاڻي ڏنو وڃي هن اهو به چيو ته مٿانهن کان پاڻي جي 91 واري ٺاھ موجب جيڪڏهين ڪينجھر کي سندس منظور ڪيل 12 سئو ڪيوسڪ پاڻي ڪراچي لاءِ ڌار نه ڏنو ويو ته ڪي فور منصوبي جي جڙڻ بعد ٺٽي ۾ پاڻي جي وڌيڪ بحران جي پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي هن چيو ته ڪوشش هلي رهي آهي ته ٺٽي ۽ مڪلي کي پيئڻ جي مستقل پاڻي جي فراهمي لاءِ ڌار پاڻي جو نئون منصوبو ڏنو وڃي