حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ٽاسڪ فورس ٽيم جي ميمبر اي ايس پي ڪينٽ علينه راڄپر جي سربراهي ۾ ايليٽ فورس پاران ٻڍاڻي ٿاڻي جي حد ۾ منشيات اڏي تي ڇاپو هڻي وڏي مقدار ۾ مين پڙين ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جي کيپ هٿ ڪري ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي ساجد امير سدوزئي منشيات جو ڪارخانو سرعام هلڻ تي ٻڍاڻي ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالحڪيم قريشي کي سزا طور معطل ڪري سندس رينڪ سب انسپيڪٽر مان گهٽائي اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر ڪري ڇڏي آهي. اهڙي ريت ايس ايس پي ٿاڻي جي وڏي منشي امداد سمون جي به رينڪ گهٽائي کيس هيڊ ڪانسٽيبل مان ڪانسٽيبل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ترجمان جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي ٻڍاڻي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي کي ٿاڻي تان معطل ڪندي کين پوليس لائين ۾ رپورٽ ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته منشيات فروش عمران سمون وڏي منشي ۽ ايس ايڇ او کي مبينا طور لکين رپيا رشوت ڏئي مين پڙين جو ڪارخانو پئي هلايو جتي ٽاسڪ فورس جي ٽيم ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هنيو ۽ ڪارخاني مان 3 ڄڻا گرفتار ڪري مين پڙين ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جي وڏي کيپ تحويل ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏي آهي. ترجمان ڇاپي ۽ گرفتارين جي تصديق ڪئي پر جوابدارن جا نالا ۽ هٿ ڪيل سامان بابت ڪا به پڌرائي جاري نه ڪئي هئي.