ٺٽو ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ )  ٺٽي ۾ پاڻي جي کوٽ 75 سيڪڙو کان مٿي وڌي وڃڻ ڪري ضلعي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سخت بحران پيدا ٿيڻ جو امڪان وڌي ويو آهي ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته ٺٽي ضلعي ۾ ڪلري بگھاڙ واھ اپر ( ڪي بي فيڊر) ۾ گھربل مقدار 9100 ڪيوسڪ بدران 3200 ڪيوسڪ پاڻي جي فراهمي سبب ضلعي ٺٽي اندر خريف جي فصلن جي سخت متاثر ٿيڻ سان گڏ پيئڻ جي پاڻي جو پڻ شديد بحران پيدا ٿي ويو آهي معلوم ٿيو آهي ته ڪوٽري بئراج کان ٿيندڙ ڪي بي فيڊر اپر وسيلي ٿي 3200 ڪيوسڪ پاڻي مان سخت گرمي سبب ساڍا 4 سئو کان 5 سئو ڪيوسڪ تائين ٻاڦ وسيلي ضايع ٿي رهيو آهي جڏهن ته 2700 ڪيوسڪ پاڻي مان 15 سئو کان 18 سئو ڪيوسڪ تائين ڪينجھر کي پاڻي جي فراهمي ڪئي پئي وڃي باقي 9 سئو کان هڪ هزار ڪيوسڪ تائين پاڻي جي فراهمي ڪلري بگھاڙ واھ لوئر ذريعي ضلعي اندر وارا بندي ڪري ٺٽي جي 4 تعلقن ٺٽو ، ساڪرو ، گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر ۾ پاڻي جي فراهمي ڪئي پئي وڃي جيڪا 75 سيڪڙو کان به گھٽ پاڻي جي فراهمي ٿي رهي آهي جنهنڪري ضلعي اندر پيئڻ جي پاڻي جو شڊيد بحران پيدا ٿي ويو آهي اهو به معلوم ٿيو آهي ته ضلعي جي 4 ئي تعلقن کي پاڻي مهيا ڪندڙ اڏيرو لال برانچ ، ساڪرو برانچ ۽ ڄام برانچ ۽ ان مان نڪرندڙ مڙني شاخن واهن توڙي نالين ۾ وارا بندي هيٺ پاڻي جي گھٽ مقدار ۾ سپلاءِ  ڪري ضلعي جي 40 يوسيز ، 5 ٽائون ڪاميٽين ۽ هڪ ميونسپل ڪاميٽي جي اڪثريتي پاڻي جي تلائن ۾ پڻ پاڻي جي کٽي وڃڻ ڪري شهري توڙي ڳوٺاڻي 11 لک کان مٿي انساني آبادي پيئڻ جي پاڻي واري پيدا ٿيل بحران سبب سخت گرميءَ ۾ عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻجي وئي آهي ٻئي پاسي اهو به معلوم ٿيو آهي ته ضلعي ٺٽي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي پيدا ٿيل سخت بحران سبب پڻ چوپايو مال کائڻ لاءِ گاھ ، لوسڻ ، مڪئي ۽ ٻئي کاڌي جي چاري توڙي پاڻي جي نه ملڻ ڪري هڪ ئي وقت بک ۽ اڃ وگھي تڙپي رهيو آهي هواڏنهن اهو به معلوم ٿيو آهي ته ضلعي ٺٽي اندر 75 سيڪڙو کان مٿي پاڻي جي پيدا ٿيل بحران سبب اڪثريتي شهرن توڙي ٻهراڙي وارن ڳوٺن ۾ پاڻي جي عدم دستيابي ڪري هتان جي لکين آبادي ڳري اگھن تي پيئڻ جو پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور بڻيجي وئي آهي هوڏانهن آبپاشي کاتي جي ذريعن وٽان پڻ اهو معلوم ٿيو آهي ته ضلعي اندر پاڻي جي پيدا ٿيل شديد بحران سبب مٿانهن کان ڪلري بگھاڙ واھ اپر ۾ گھربل مقدار ۾ پاڻي جي فراهمي سخت متاثر هجڻ روزانو ڪراچي کي ڪي جي ڪئنال وسيلي 12 سئو ڪيوسڪ پاڻي جي جاري ڪئي پئي وڃي ذريعن موجب مٿانهن کان گھٽ پاڻي اچڻ ڪري ٺٽي جي 4 تعلقن کي پاڻي فراهم ڪندڙ مک ڪلري بگھاڙ واھ لوئر ۾ پاڻي جي وارا بندي ڪئي وئي آهي جنهنڪري ضلعي جي 4 ئي تعلقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي وڌيڪ ڏڪار پيدا ٿيڻ جو پڻ واضع امڪان آهي .