ڪراچي (نمائندن وٽان) خيرپورناٿن شاھ ڀرسان ڳوٺ ڪولاچي وٽ انڊس هاءِ وي تي آبادگارن 20 کان وڌيڪ شاخن ۾ زرعي پاڻي نه پهچڻ خلاف حاجي قيصر سولنگي، بيگو ڏيرو، غلام  سرور ڪولاچي، اسماعيل سومرو جي اڳواڻي ۾ 8 ڪلاڪن تائين نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو، ايس ايچ او خيرپورناٿن شاھ، ايس ايچ او ميهڙ نفري ساڻ ڪري پهتا. آبادگارن ڌرڻو ختم ڪرڻ کان ٺپ جواب ڏنو. مظاهرين ۽ پوليس ۾وقفي وقفي سان ڏند چڪريون هلنديون رهيون، هڪ ٻئي کي گارگند ڪرڻ کانپوءِ پوليس مظاهرين مٿان لاٺي چارج شروع ڪئي ته مظاهرين پوليس مٿان پٿراءُ ڪيو ۽ پوليس جان بچائڻ لاءِ هوائي فائرنگ شروع ڪئي ۽ پنهنجو جان بچائي ڀڄي وئي ۽ مظاهرين پنهنجو ڌرڻو جاري رکيو، جڏهن ته پٿراءَ ۾ ڪي اين شاھ ۽ ميهڙ جا ڪيترائي پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، مڇريل مظاهرين ايس ايچ او ميهڙ اصغر شاھ ۽ وڏو منشي ميهڙ خدا بخش زرداري سميت اٺ اهلڪارن کي هڪ دڪان ۾ بند ڪري هڪ ڪلاڪ تائين يرغمال ڪري بند ڪري ڇڏيو، علائقو ميدان جنگ بڻيل رهيو، آبادگارن چيو ته هتان جي ماڻهن جو جياپو ساريالي فصل تي مشتمل آهي هر سال مئي مهيني جي پهرين تاريخ تي شاخن ۾ پاڻي پهچي ويندو آهي پر هاڻي جون مهينو گذرڻ تي آهي هيئنر تائين پاڻي ناهي پهتو، اسين خرچ ڪري سارين جو ٻج ڳري پيسن تي وٺي ٽيوب ويل تي پوکي آهي هنن چيو ته هاڻي اسين ٽيوب ويل جو خرچ برداشت نه ٿا ڪري سگهون پوکيل ٻج سڙي رهيو آهي. مظاهرين ٻڌايو ته اسان پنهنجي حق خاطر پر امن احتجاج ڪري رهيا آهيون پوليس بيگناھ اسان مٿان لاٺي چارج ڪري اسان جي ماڻهن کي تشدد جو نشانو بڻايو آهي ۽ اسان مٿان گوليون هلايون ويون اسان آبادگار آهيون ڌاڙيل ناهيون جو اسان مٿان گوليون هلايون ويون هنن چيو ته جيسيتائين ايريگيشن عملدار ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڳالهيون نه ڪندا اسين هتي ويٺا هونداسين،جڏهن ته 8 ڪلاڪن بعد ڊي ايس پي ڪي اين شاھ محمد يونس رودناڻي، ڊي ايس پي ايس پي ميهڙ، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪي اين شاھ سونو خان چانڊيو، ايس ڊي او ايريگيشن ظهور احمد بوزدار سميت مختلف ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز ڌرڻي واري هنڌ پهچي آبادگارن سان ڳالهيون ڪيون. جتي ايس ڊي او ايريگيشن ظهور احمد بوزدار فون زرعي ايريگيشن جي انجنيئر سان رابطو ڪيو جنهن يقين دهاني ڏياري ته 28 کان 30 جون تائين شاخن ۾ پاڻي پهچايو ويندو جنهن بعد آبادگارن ڌرڻو ختم ڪيو.پيارو اسٽيشن ۾ آبادگارن تنزيل الرحمان ٽڳو ،غوث بخش برهماڻي ،ڀائي خان برهماڻي ،پير مٺل ۽ ٻين نيو شگر مل گيٽ اڳيان ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو.نوابشاهه ۽ گپچاڻي ۾ جھيمل شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن مريد کوسو، ستار رند، محمد پناھ رند، حبيب الله رخشاڻي، علينواز کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي،قمبر ۾ پ پ شھيد ڀٽو ڪارڪنن طفيل سانگاھ، شوڪت چانڊيو، عرفان گوپانگ جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو.سيھڙ ڀرسان ڳوٺ سامٽيا جي رھواسين عاشق، عباس، قربان ڪانڌڙو نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو ھنيو.