حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد ۾ قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو. حادثي ۾ موٽرسائيڪل سوار ٿڏي تي فوت ٿي ويو. اطلاع تي نسيم نگر ٿاڻي جي پوليس پهچي فوتي جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب فوتي جي سڃاڻپ وليد انصاري طور ٿي آهي. سندس تعلق ڪوٽڙي سان آهي جنهن جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿي ويو جنهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.