شھدادپور (ن پ ا) پوليس طرفان ڳوٺ صاحب خان نظاماڻي واسي نوجوان شبير ڪلهوڙو کي مبينا کنڀي گم  ڪرڻ خلاف سندس گهر واري مسمات گلشن ڪلهوڙو پوليس عملدارن تي اغوا جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ سيشن ڪورٽ سانگهڙ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، درخواستگذار ڄاڻايو آهي ته شھدادپور ٿاڻي جي ايس ايچ او طفيل ڀٽو ۽ ملدسي پوليس پڪٽ جي انچارج منظور ٻٻر شبير ڪلهوڙو کي گهران کنڀي ٿاڻي تي لاڪپ ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن کانپوءَ کيس گم ڪيو ويو، عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي ايس ايس پي سانگهڙ ۽ الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪارن کي نوٽيس جاري ڪندي 22 جون تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.