ملتان (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ انگلينڊن جون ڪرڪيٽ ٽيمون ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ اڄ ملتان ۾ آمهون سامهون ٿينديون. ميچ کان اڳ پاڪستان کي وڏو ڌڪ رسيو آهي، اهم فاسٽ بالر نسيم شاهه زخمي ٿي پيو آهي، جنهن ڪري ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ سندس شرڪت شڪي ٿي وئي اهي. ان ڏس ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته  پاڪستان جي نوجوان بالر نسيم شاهه جي ملتان ٽيسٽ ۾ شرڪت شڪي ٿي وئي آهي. نسيم شاهه ساڄي ڪلهي جي تڪليف سبب ملتان ۾ ٽريننگ سيشن ۾ به بالنگ نه ڪئي.  ذريعن موجب نسيم شاهه احتياط سبب بالنگ نه ڪئي.  ٻئي پاسي  انگلش ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس جو چوڻ آهي ته اسان کي خبر آهي ته ملتان ٽيسٽ ۾ پاڪستاني ٽيم مضبوط ٿي ايندي پر اسان ان کي پنهنجي پلان موجب وينداسين. ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بين اسٽوڪس چيو ته پاڪستان ۾ بالنگ ڏئي هوندي آهي پر ملتان جي پچ خشڪ ۽ پنڊي کان مختلف آهي، هتي ريورس سوئنگ ٿي سگهي ٿي. بين اسٽوڪس چيو ته مارڪ ووڊ کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي جنهن سان اسان کي فائدو ٿيندو.  انگلينڊ جي ڪپتان چيو ته اسان ملتان ۾ آلودگي سبب پريشان ناهيون. هن چيو ته ننڍي کنڊ جون سموريون ٽيمون ٽاس کٽڻ کانپوءِ بيٽنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن، اسان جو پلان ساڳيو آهي ۽ پلان به هڪ ئي طريقي سان کيڏڻ جو آهي پر جيڪڏهن بابر اعظم ٽاس کٽي ته پوءِ هو ڪجهه نٿو چئي سگهي.