پيروسڻ(ن پ ا) پيروسڻ ۾ ثقافتي ڪرڪيٽ  ٽورنامينٽ ڇھن ٽيمن جي وچ ۾ ٿي گذريو. فائنل عامر ٽائيگرز کٽي ڪَپُ پنھنجي ناءُ ڪري ورتو. فائينل دنگل عامر ٽائيگرز ۽ الحيدري حاجاڻا ڪرڪيٽ ٽيمن جي وچ ۾ ٿيو. عامر ٽائيگرز پهريان بئٽنگ ڪندي فاروق سومرو جي شاندار 50 ۽ فرحان شر جي 30 رنسن جي مدد سان 6 اوورن ۾ 95 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ الحيدري ڪرڪيٽ ڪلب حاجاڻا ٽيم 80 رنسون ٺاهي سگهي عامر ٽائيگرز طرفان صفي الله عامر شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 2 اوورن ۾ 7 رنسون ڏيئي 2 وڪيٽون ورتيون بهترين ڪارڪردگي پيش ڪرڻ تي مئن آف دي مئچ رهيو.