ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) انڊس موٽرز کانپوءِ  پاڪ سوزوڪي  پڻ گاڏين جي اگهه ۾75 هزار کان هڪ لک 99 رپين جي لاٿ ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾  جاري ڪيل بيان موجب 16 آگسٽ کان الٽو  وي ايڪس جو اگهه 16.99، الٽو وي ايڪس آر جو 19.76، ڪلٽس وي ايڪس آر 27.54 ،  ڪلٽس  ايڪس ايل 30.24 ، سوئفٽ جي /ايل 31.80 ۽ بولان وين 15 لک رپين ۾ وڪرو ٿيندي، ٻئي طرف پاڪ سوزوڪي پاران  پرزن جي کوٽ ڄاڻائي 18 ۽ 19 آگست تي ڪارن جو پلانٽ بند رکڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پهرين جولاءِ کان گاڏين جي ايڊوانس بوڪنگ پڻ بند ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته انڊس موٽرز ڊالر جي اگهه ۾ واڌ جو جواز ڄاڻائي گاڏين جي اگهه ۾ 7.60 کان 31.60  لک رپيا واڌ ڪرڻ بعد 3.60 کان 11.40 لک رپيا گهٽتائي آندي هئي، ٽويوٽا  ڪرولا جي سڀني ماڊلن  جي قيمتن ۾ 3.3 کان 4.4 لک رپيا لاٿ ڪئي وئي هئي