نبي سر روڊ/ڇاڇرو (نمائندن وٽان) نبي سر روڊ، ڇاڇرو ۽ ڏاهلي جي مختلف علائقن ۾ ڳائي مال ۾ لمپي ڦهلجي وئي آهي، جنهن ۾ روزانو مالوندن جا ڍور مري رهيا آهن، ڇاڇرو ۽ ڏاهلي ويجهو ڪالهه مختلف ڳوٺن ۾ وڌيڪ 8 ڍور لمپي وگهي مري ويا، ان حوالي سان مالوندن شريف نهڙي، محسن، سهراب، دريا خان راهمون، لقمان نهڙي جو چوڻ آهي ته هن وقت ارباب جي ڍاڻي، مٿارو، سوکرو، ڀڳيسل، علڻ آباد، ڇهو نهڙي، ڪيتار، جيتراڙ، بچو تڙ، رڙگهڙ سميت ٻين ڳوٺن ۾ لمپي ڦهليل آهي، هنن چيو ته بچاءَ جي ويڪسين نه ڪرڻ سبب وڏي انگ ۾ ڳائو مال بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، هوڏانهن نبي سرروڊ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ لمپي ڦهلجڻ سبب ڀاڳين جا وٿاڻ خالي ٿيڻ لڳا آهن، ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب ڊيني سر فارم، سانوري، راڻا واءِ، نهٽو، ڏنڀرلو ۽ ٻين هنڌن تي وڏي انگ ۾ ڳائو مال لمپي سبب مري ويو آهي، ڀاڳين غلام قادر چانڊيو، غلام مصطفيٰ، سڏو ڪولهي ۽ ٻين چيو ته اطلاع باوجود لائيو اسٽاڪ کاتي جا عملدار ڪو به قدم نه پيا کڻن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي بيماري تي ضابطو آندو وڃي،