ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر ٻيهر ڪنٽرول کان نڪري ويو : 217 رپين ۾ وڪرو: سون پڻ 145000 رپين تي پهتو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون ٻيهر  145000 رپيا في تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته چاندي پڻ  20 رپيا  اضافي  سان 1580 مان 1600 رپين تي پهتي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 217 ۽ انٽر بينڪ ۾ 98 پئسا واڌ سان 214.88 رپيا ٿي ويو،  هوڏانهن  پائونڊ  ۽  يورو  2 رپيا واڌ سان  ترتيبوار 257 مان 259 ۽  214 مان 216 رپين تي پهتا،  واضح رهي ته  وفاقي سرڪار جي ڪوششن  سان  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 210رپين  تي پهتو هو.