لاهور (م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير پنهنجي اباڻي ضلعي گجرات کي ڊويزن جو درجو ڏئي ڇڏيو، گجرات سان گڏ منڊي بهاوالدين ۽ حافظ آباد کي نئين ڊويزن ۾ شامل ڪيو ويو، گورنر پنجاب منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن بعد نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، وزيراعليٰ پوريز الاهي صوبي جي سمورن تعلقن ۾ ايمرجنسي سروس شروع ڪرڻ ۽ امدادي ڪارڪنن لاءِ رسڪ الائونس بحال ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پرويز الاهي چيو ته ڀارت پاڪستان جو هر هنڌ مقابلو ڪندو آهي پر ڀارت ريسڪيو ۾ مار کائي ويو، ريسڪيو 1122 جي شروعات مون ڪئي، اڄ اهو بهترين ادارو بڻجي ويو آهي، نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ اداري نالو ڪمايو آهي. هوڏانهن حافظ آباد کان نواز ليگ جي اڳوڻي وفاقي وزير سائره افضل تارڙ احتجاج ڪندي چيو آهي ته حافظ آباد کي گجرات ڊويزن ۾ شامل ڪرڻ مقامي ماڻهن کي ڪنهن به ريت قبول ناهي، فيصلو واپس نه ڪيو ويو ته عوام روڊن تي نڪري ايندو.