راولپنڊي (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي ڪيچ جي علائقي جلگئي سيڪٽر ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن جي جنازي نماز سندن اباڻي علائقن ۾ ادا ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب بلوچستان جي ضلعي ڪيچ جي علائقي جلگئي سيڪٽر ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد سيڪيورٽي اهلڪارن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي آهي. آءِ ايس پي آ موجب شهيد نائيڪ شير احمد جي جنازي نماز تونسه، لانس نائيڪ محمد اصغر جي جنازي نماز ڪوٽ ادو، سپاهي عبدالرشيد جي جنازي نماز صحبت پور ۽ سپاهي محمد عرفان جي جنازي نماز ڊيره غازي خان ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ سينئر حاضر ۽ ريٽائرڊ سروس جي آفيسرن، سپاهين ۽ شهيد ٿيلن جي گهر ڀاتين شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب شهيدن کي فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ڪيچ جي جلگئي سيڪٽر ۾ ايراني حدن مان دهشتگردن جي حملي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن شهيد ٿي ويا هئا.