ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حمايت ۾ پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل وڪيل رستن تي نڪري آيا، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ٻاھران احتجاج، نعريبازي، ان ڏس ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سان يڪجهتي جي اظهار لاء تحريڪ انصاف لائرز فورم پاران سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ٻاھران بينر کڻي احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي وڪيلن چيف جسٽس جي حق ۾ نعريبازي ڪئي، وڪيلن جي ھٿن ۾ کنيل پلي ڪارڊن تي آئين سان غداري،  ۽ سپريم ڪورٽ تي حملو نا منظور جا نعرا لکيل هئا، اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسين ادارن کي ڪمزور ڪرڻ نه ڏينداسين.