واشنگٽن (م ڊ) نيو يارڪ ٽائيمز ٽوئيٽر تي پنهنجي نيري ٽڪ کي وڃائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ان تصديق لاءِ ادائگي ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. ٽوئيٽر پهرين اپريل کان ادائگي ٿيل سبسڪرپشن جو حصو بڻيل رهڻ جو اعلان ڪرڻ بعد اڪائونٽن مان تصديقي بيجز کي هٽائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي،جن تي اڳ ۾ ئي بليو ٽڪ لڳل هئي. نيو يارڪ ٽائمز ٻين ڪيترين ئي ٻين تنظيمن ۽ مشهور شخصيتن سان گڏ چيو هو ته اها بلو ٽڪ لاءِ ادائگي هرگز نه ڪندي. ايلون مسڪ اخبار لاءِ توهين جوڳي ٻولي استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو، ٽوئٽر باني ٽوئيٽ ڪندي چيو ته نيويارڪ ٽائمز جو اصل سانحو اهو آهي ته سندن پروپيگنڊا به دلچسپ ناهي. ٽوئٽر طرفان ڪوبه سرڪاري تبصرو نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي وري نيو يارڪ ٽائمز ايلون مسڪ جي تبصرن جو جواب ڏنو آهي.