اسلام آباد (دلچسپ نيوز) پاڪستان ۾ براڊ بينڊ صارفين جو انگ 10 ڪروڙ ٿي ويو آهي.پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جي بيان موجب پاڪستان ۾ 2012 ۾ انٽرنيٽ صارفين جو انگ 20 لک کان به گهٽ هئي ۽ ٿري جي کان پوءِ 2014 ۾ صارفين جو انگ هڪ ڪروڙ 69 لک تائين ٿي ويو.پي ٽي اي موجب 87 سيڪڙو آبادي کي هن وقت سڀني کان گهٽ قيمتن تي انٽرنيٽ تائين پهچ حاصل آهي.