لنڊن (دلچسپ نيوز) ايل جي پنهنجو اسمارٽ فونز بزنس ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ اهڙي طرح هڪ عهد جو خاتمو ٿي ويو آهي.ايل جي ڪنهن زماني ۾ موبائيل فون جي دنيا جي ڪجهه وڏين ڪمپنين مان هڪ هئي پر سام سنگ ۽ چيني ڪمپنين ان جي مقبوليت کي ختم ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ جنوري ۾ هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو هو ته لڳ ڀڳ مسلسل 6 سال تائين نقصان برداشت ڪرڻ کان پوءِ ايل پي جي امڪاني طور تي پنهنجي اسمارٽ فونز بزنس کي خيرآباد چوڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پر هاڻ ڪمپني باضابطا اعلان ڪندي ٻڌايو ته هلندڙ سال جولائي ۾ موبائيل بزنس کي ختم ڪيو پيو وڃي ۽ هاڻ هو پنهنجو ڌيان اسمارٽ هوم پراڊڪٽس تي ڏيندو.ايل جي کان اڳ بليڪ بيري ۽ نوڪيا جهڙين ڪمپنين کي به ڏکيائين سبب اسمارٽ فونز بزنس کي خدا حافظ چوڻو پيو هو.