لنڊن (دلچسپ نيوز) ماسڪ نه پائيندڙ جوڙي سان جهاز ۾ انوکي جٺ ڪئي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برطانيا ۾ هڪ جوڙو ماسڪ پائڻ بنا ئي جهاز ۾ سوار ٿي ويو، جنهن تي جهاز جي عملي جوڙي کي ماسڪ پائڻ لاءِ چيو ته ان احتجاج شروع ڪري ڏنو، عورت رڙيون به ڪيون پرعملو کين ماسڪ پائڻ تي بضد رهيو جنهن سبب جوڙي مجبور ٿي جهاز مان هيٺ لهڻ لاءِ سامان کنيو ته مسافرن تاڙيون وڄايون جنهن بعد جوڙو جهاز مان لهي ويو جڏهن ته مسافرن تاڙيون وڄائي عملي جي قدم جي تعريف پڻ ڪئي. جوڙي سان ٿيل ان جٺ جي وڊيو وائرل ٿي وئي جنهن بعد صارفين دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.