ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽي 20 سيريز اڄ کان باضابطا طور شروع ٿي رهي آهي. سيريز جي پهرين ميچ اڄ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان جي ٽيم ۾ نوان چهرا شامل ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته انگلينڊ جي ٽيم ۾ ڪپتان سميت مختلف تبديليون ڪيون وينديون. ڪپتاني جو بار معين علي جي ڪلهن تي ڪرندو. جڏهن ته سينئر بالنگ اٽيڪ به ٽيم ۾ شامل نه هوندو. ان سلسلي ۾ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ۽ پوليس سان گڏ رينجرز کي به مقرر ڪيو ويو آهي.