ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کي انگلينڊ خلاف سيريز ۽ ورلڊ ڪپ ۾ ون ڊائون تي کيڏڻ جي صلاح ڏني پئي وڃي. اڳوڻي ڪپتان معين خان به چيو آهي ته ورلڊ ڪپ ۾ رضوان ۽ فخر زمان کان اوپننگ ڪرائي وڃيم ڇاڪاڻ ته اوپننگ جوڙي لاءِ لفٽ ۽ رائٽ جو ڪامبينيشن اهم هوندو آهي، هن چيو ته چانس نه ورتو ته پوءِ وساري ڇڏيو ته ڪو سٺي انٽرنيشنل ٽيم ٺهي سگهندي.