لنڊن(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ سيريز جي ڪامينٽري لاءِ بي بي سي پنهنجي ٽيم پاڪستان نه اماڻي آهي جنهن ڪري هو ٽي وي تي ميچ ڏسي پوءِ ريڊيو تي ڪامينٽري نشر ڪندا. بي بي سي تان سمورين ستن ميچن جي نه پر رڳو 4 ميچن جي ڪامينٽري نشر ڪئي ويندي. حالانڪه هنن وٽ پوري سيريز جا نشرياتي حق آهن. ڊسمبر ۾ انگلينڊ جي ٽيم کي وري ٽن ٽيسٽ ميچن لاءِ پاڪستان اچڻو آهي جنهن لاءِ بي بي سي جو چوڻ آهي ته ٽيسٽ ميچن جي ڪامينٽري پاڪستان مان نشر ڪئي ويندي.