جوهانسبرگ(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا جي ٽي 20 ليگ لاءِ رانديگرن جو نيلام ٿيو. ڪيشو مهاراج کي ڊي ايس جي 25 لک رينڊ ۾ خريد ڪيو. سساندا مگالا کي سن رائيزرز 54 لک رينڊ ۾ خريد ڪيو. جارج گارٽن کي جي ايس ڪي ٽيم 4 لک 25 هزار رينڊ، وين پارنيل کي ڪيپيٽلز جي ٽيم 56 لک رينڊ، ڪيمو پال کي ڊي ايس جي 8 لک 50 هزار، فل سالٽ کي ڪيپيٽلز 20 لک، ريان رڪلٽن کي ايم آءِ ڪيپ ٽائون 10 لک، ڊين ولاس کي رائلس 33 لک، ڪائل ويرين کي جي ايس ڪي هڪ لک 75 هزار رينڊ، رضا هينڊرڪس کي جي ايس ڪي 45 لک، جيسن روئي کي پارل رائلز 15 لک، ٽريسٽن اسٽبس کي سن رائزرز 92 لک، جان من ملان کي جي ايس ڪي 27 لک، رلي روسو کي ڪيپيٽلز 69 لک، هيري بروڪس کي جي ايس ڪي 21 لک ۾ وڪرو ٿيو. جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جو ڪپتان ٽيمبا بووما، انگلينڊ جو اڳوڻو ڪپتان آئن مورگن، برينڊن ڪنگ، پٿوم نسانڪا، دنيش چنديمل، ڊيوڊ بيڊهنگهم، شاءِ هوپ، ڪوسل مينڊس، ڪوسل پريرا، چميڪا ڪرونارتني، سين وليمس، آندلي ڦهلڪوايو کي ڪنهن به ٽيم خريد نه ڪيو.