اسلام آباد (م ڊ) عالمي بينڪ اهي رپورٽون رد ڪيون آهن جن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پاڪستان لاءِ هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالرن جي قرضن جي منظوري ايندڙ مالي سال تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بينهيسن پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو ته اهي پريس رپورٽون جيڪي پاڪستان ۾ امڪاني بينڪ جي آپريشنز جي منظوري ۾ دري جي عالمي بينڪ جي فيصلي جو حوالو ڏين ٿيون اهي بيبنياد آهن. هن چيو ته اسان جي تجويز ڪيل آپريشنز ۽ انهن جي رقمن جي حوالي سان بورڊ جي منظوري جون تاريخون واضح آهن. هن چيو ته عالمي بينڪ مناسب طريقيڪار بعد ۽ انهن تجويز ڪيل منصوبن جي تياي جي بنياد تي بورڊ جي غور لاءِ پراجيڪٽ جي تجويز تي غور لاءِ وقت جو فيصلو ڪندي آهي.