گجرات (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ ق ليگ جي صدر چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته عمران خان کي خوش ڪرڻ لاءِ پرويزالاهي گهر کي ورهائڻ تائين پهچي ويو هو، پر مون چيو ائين ڪرڻ نه ڏيندس. هڪ بيان ۾ هن چيو ته عام چونڊون وقت تي ٿيندي نظر نه پيون اچن، تڪڙين چونڊن جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، سموريون پارٽيون معاشي بحالي جي هڪ پوائنٽ ايجنڊا تي ويهي فيصلا ڪن ۽ معاشي بحالي جي گڏيل ڪانفرنس جي سربراهه چيف جسٽس آف پاڪستان ڪري. هن چيو ته مونس الاهي کي ق ليگ مان ڪڍڻ جو ارادو نه آهي، شوڪاز نوٽيس رڳو انهن جي غلط قدمن کي روڪڻ لاءِ اماڻيا ويا آهن. آئون چاهيان ٿو ته پرويز الاهي ق ليگ ۾ ئي رهي، منهنجي ۽ پرويزالاهي وچ ۾ سمورا معاملا ايم پي ايز بابت خط سان خراب ٿيو، مون کي پرويز الاهي گهڻو ئي چيو ته خط واپس وٺو پر مون چيو ته اهو ناممڪن آهي.