اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف اضافي ٽيڪس لاڳو ڪري 150 کان 200 ارب روپيه جمع ڪرڻ لاءِ گيس ۽ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ۽ مني بجيٽ آڻڻ سميت ڪيترن ئي سخت فيصلن تي عمل ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ته جيئن آءِ ايم ايف سان ڳالهين واري عمل ۾ پيش ايندڙ رنڊڪ کي ختم ڪري سگهجي. ڪالهه وزيراعظم جي صدارت هيٺ آن لائين هڪ اجلاس منعقد ٿيو هو جيڪو ساڍن ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهيو جنهن ۾ حڪومت طرفان ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا. ذريعن موجب هاڻ ٻيهر هڪ اجلاس منعقد ٿيندو جنهن ۾ وڌيڪ اهم فيصلا ڪيا ويندا. ذريعن موجب حڪومت کي هلندڙ مالي سال لاءِ بجلي جون قيمتون وڌائڻيون پونديون، گيس جي شعبي ۾ موجوده ٽيرف 650 في ايم ايم بي ٽي يو مان وڌائي 1100 ايم ايم بي ٽي يو ڪرڻو پوندو. حڪومت پهرين مرحلي ۾ بجلي جي ٽيرف ۾ ساڍا 4 روپيه في يونٽ جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ 4 روپيه في يونٽ هلندڙ مال سال لاءِ وڌائيندي. ان کان علاوه مٺن شربتن ۽ سگريٽ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي وڌائڻ سان گڏ پيٽروليم شين تي جي ايس ٽي ۾ واڌ تي به غور شروع ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پيٽروليم شين تي 17 سيڪڙو جي ايس ٽي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان سختي سان مخالفت ڪري چڪو آهي ۽ ان حوالي سان اهو چئي چڪو آهي ته اهڙي فيصلي سان مهانگائي ۾ اضافو ٿيندو.

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي جي مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي چاهيون ٿا ۽ حڪومت جي خواهش آهي ته عام ماڻهن تي وڌيڪ بار نه پوي پر آءِ ايم ايف اسان کي ڪنهن ٻئي طرف وٺي وڃڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن آءِ ايم ايف پروگرام ۾ وڃڻ جي لاءِ آءِ ايم ايف جون سڀ ڳالهيون مڃڻيون پيون ته مڃينداسين، سخت فيصلا ڪرڻا پيا ته اهي به ڪنداسين، سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي کي بريفنگ ڏيندي ناڻي جي مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا وڌيڪ چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ غير معمولي صورتحال آهي ۽ ملڪ کي درپيش مسئلن جو حل اسان کي گڏجي ڪڍڻو پوندو، اها اميد نه رکي وڃي ته ڪاروبار پهريان وانگر معمول جي مطابق هلندو، اسان هن وقت ڪرائيسز ۾ هلي رهيا آهيون، جهڙي طرح اسان هلي رهيا آهن ان طرح نٿا هلي سگهون، هر ڪو پنهنجي تڪ کي بچائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو پر پاڪستان کي بچائڻ جي ڪو به ڳالهه نٿو ڪري، اڪيلي پاڪستان لاءِ مشڪلاتون نه آهن پر ٻين ملڪن کي به مشڪلاتون درپيش آهن، هن چيو ته فوڊ، انرجي، فارما، امپورٽيڊ صنعت ۽ زراعت جي شعبي جون ايل سيز نه روڪيون آهن، اسٽيٽ بينڪ ٻڌائي رهي آهي ته بينڪن جي ڪلوز مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي ۽ بينڪون ضروري شين جون ايل سيز کولڻ جي لاءِ پابند آهن، جڏهن ته توهان جون ايل سيز نه کلڻ جو مطلب اهو نه آهي ته ملڪ ڊفالٽ ڪري ويو آهي، هن چيو ته اسان پريشان حال ضرور آهيون پر اسان وٽ پلان موجود آهي، اسان آءِ ايم ايف کي انگيج ڪري رهيا آهيون، مانيٽرنگ ادارا آهن جتان ڊالر ايندا، اهو نه سوچيو ته حڪومت کي ڪا خبر نه آهي، حڪومت کي سڀ خبر آهي اهو نه چئو ته اسان ڪرائيسز مينيجمينٽ ناهي ڪئي، ان موقعي تي اسٽيٽ بينڪ جي ڊائريڪٽر چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گذريل سال 17.4 سيڪڙو هو، اسان سڪوڪ، نجي سيڪٽر ۽ ٻيون ادائگيون ڪيون آهن، اسان ڊفالٽ نه ٿيڻ ڏئي رهيا آهيون ۽ نه ئي ڊفالٽ ٿيڻ ڏينداسين، ٻئي طرف ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي جي مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو ته چاهيون ٿا ته آءِ ايم ايف پروگرام جلد بحال ٿي وڃي ۽ ان جي لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون به هلي رهيون آهن، ورچوئل ڳالهه ٻولهه به هلي رهي آهي، آءِ ايم ايف جي مامري تي ڪالهه اسٽيٽ بينڪ سان اجلاس به ٿيو، اسين چاهيون ٿا ته اهي مامرا تيزي سان اڳتي وڌن، هن چيو ته آءِ ايم ايف جا ڪيترائي خدشا دور ڪيا آهن، حڪومت جي خواهش آهي ته عام ماڻهن تي وڌيڪ بار نه پوي ۽ ڪوشش آهي ته سرنديءَ وارن ماڻهن تي بار وڌو وڃي پر آءِ ايم ايف اسان کي ڪنهن ٻئي طرف وٺي وڃڻ چاهي ٿو، پروگرام ۾ وڃڻ لاءِ آءِ ايم ايف جون سڀ ڳالهيون مڃڻيون پيون ته مڃينداسين،سخت فيصلا ڪرڻا پيا ته اهي به ڪنداسين.