لاڙڪاڻو(بيورورپورٽ) پاڪستان ايسوسي ايشن فار ايسٽرن پاران همدرد فائونڊيشن جي صدر سعديه راشد جي صدارت هيٺ “طب يوناني، پس منظر ۽ پيش نظر” جي موضوع تي خصوصي علمي ۽ تعليمي سمپوزيم ڪوٺايو ويو.صدارتي خطاب ڪندي سعديه راشد چيو ته پاڪستان يوناني طب جي لحاظ کان خود ڪفيل ملڪ آهي، خدارا اها غلطي ٻيهر نه ڪئي وڃي ته پاڙيسري ملڪ جي متبادل علاج جي طريقي کي اپنايو وڃي ۽ جڙي ٻوٽيون موڪليون وڃن جن جڙي ٻوٽين سان اسان جو سنڌ صوبو مالامال آهي. سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه چيو ته يوناني طب جي شروعات سنڌ صوبي مان ٿي، مشرقي طب اسان جو عظيم ورثو آهي، جيڪو اسان جي ابن ڏاڏن اسان کي تهذيب جي صورت ۾ ڏنو آهي، هن تجويز ڏني ته لاڙڪاڻي ۾ به شهيد حڪيم محمد سعيد جي نالي سان هڪ طبي ادارو قائم ٿيڻ گهرجي. پروفيسر ڊاڪٽر حڪيم عبدالحنان چيو ته ڪرونا کان پوءِ پوري دنيا ۾ متبادل علاج جي طريقن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، هڪ اندازي موجب پوري دنيا ۾ يوناني دوائن جي صنعت ايندڙ ڪجهه سالن ۾ 200 ارب ڊالرن تائين پهچي ويندي پر ڪجهه ڳڻڻ جيترا ملڪ ان صنعت جي ترقي مان فائدو وٺي رهيا آهن.