سجاول جوڻيجو (ن پ ا ) سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد عرضي ڀٽو مان 14 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل لياقت ساريو کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي. لياقت ساريو جو نامعلوم ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو .ھوڏانھن مغوي جو والد پوليس جمعدار قائم الدين ساريو ٻڌايو ته پوليس سکڻا دلاسا ڏئي رھي آهي اڄ جمالي موڙ رتوديرو روڊ تي ڌرڻو ھڻنداسين ۽ ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن  داخل ڪرائيندسين.