ميرپورٻرڙو(ن پ ا) ميرپورٻرڙو لڳ ڳوٺ محمد اقبال ٻرڙو جو پرائمري اسڪول 3 سال کان بند هئڻ خلاف  ڳوٺاڻن محمد اقبال ٻرڙو، اعتبار ٻرڙو، اختيار ٻرڙو ۽ ٻين پنهنجي ٻارڙن سان گڏجي احتجاج مظاهرو ڪيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته 3 سال کان استاد اسڪول نه ٿا اچن ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي، تعليم کاتي جي آفيس جا چڪر هڻي ٿڪجي پيا آهيون ڪو کڙ تيل ناهي نڪتو.ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته استادن جي حاضري کي يقيني بڻائي ٻارن جو مستقبل تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي، هوڏانهن ٽي اي او ٺل محمد ايوب سرڪي رابطو ٻڌايو ته اسڪول بند هئڻ بابت خبر ناهي، جاچ ڪري جلد اسڪول ۾ استادن جي حاضري کي يقيني بڻائينداسين.