اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي محمد امين مارڪس ڏنا آهن ته پاڪستان منشيات فروشن لاءِ جنت بڻايو ويو آهي. ڪالهه جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ 5 ڪلو چرس اسمگلنگ جي جوابدار ظفر الله جي سزا خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. جوابدار جي وڪيل دليل ڏنا ته منشيات جي نمونن کي ايس او پي تحت ناهي جاچيو ويو، سموريون شاهديون سرڪاري ملازمن طرفان رڪارڊ ڪرايون ويون، ڪو غير جانبدار شاهد عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو. جسٽس قاضي امين ريمارڪس ڏنا ته اهو دور ويو جڏهن جوابدارن کي ٽيڪنيڪي سببن جي بنياد تي ڇڏيو ويندو هو، اسان جي ملڪ ۾ نالي ماتر شريف شاهدي ڏيڻ لاءِ تيار ناهن هوندا، جوابدار ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ منشيات ڪيس ۾ گرفتار ٿئي ها ته کيس ٽنگيو وڃي ها، پاڪستان منشيات فروشن لاءِ جنت بڻايو ويو آهي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته جوابدار خلاف شاهدين جي لَڙهي مڪمل آهي، عدالت جوابدار جي سزا خلاف اپيل خارج ڪري ڇڏي. واضح رهي ته جوابدار ظفر الله کي 13 ڊسمبر 2013 ۾ نوابشاهه مان گرفتار ڪيو ويو هو ۽ ماتحت عدالتن کيس ساڍا 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.