ڪابل: (م ڊ) افغان صوبي هلمند ۾ روڊ ڪناري لڳل بم ڦاٽڻ سبب 9 ڄڻا مارجي ويا آهن. افغان ميڊيا موجب صوبي هلمند ۾ هڪ گاڏي روڊ ڪناري لڳل بم سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 ٻارڙا زخمي ٿي پيا. واقعي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته اڃان تائين ڪنهن به گروپ ان واقعي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي.