اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تحريڪ انصاف قانون جي حڪمراني جي جنگ وڙهي رهي آهي، مافيا بليڪ ميل ڪرڻ چاهي ٿي، انهن کي خوف آهي ته سان ڪامياب ٿي وياسين ته انهن جو سياسي موت ٿي ويندو. نوڪنڊي کان ماشڪيل شاهراهه جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اهو پاڪستان جو سڀ کان ڏورانهون علائقو آهي، جنهن کي اسان جو ملڪ 70 سالن کان وساري چڪو آهي، بلوچستان ۾ گهڻو گهمي چڪو آهيان پر ان علائقي ۾ ناهيان ويو، بلوچستان صوبي تي صحيح ڌيان نه ڏنو ويو، جيڪي علائقا پوئتي رهجي ويا آهن، انهن تي ڌيان ڏيڻو آهي ته جيئن انهن کي مرڪزي سطح تي آڻي سگهون. هن چيو ته مافيا بليڪ ميل ڪرڻ چاهي ٿي، اهي چون ٿا اين آر او نه مليو ته حڪومت ڪيرائي ڇڏينداسين، مخالفن کي پنهنجو سياسي موت نظر اچي رهيو آهي، مافيا کي خوف آهي ته ڪٿي حڪومت ڪامياب نه ٿي وڃي پر اهي اسان کي ناڪام نٿا ڪري سگهن. عمران خان چيو ته اقتدار ۾ آياسين ته پهرين ڏينهن چيو ويو حڪومت ناڪام ٿي وئي، اهي پاڻ کي قانون کان مٿانهون ٿا سمجهن، جتي قانون برابر جي سطح تي ناهي هوندو، اتي جهنگ جو قانون هوندو آهي، چاهيون ٿا ته پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني هجي، هن چيو ته مديني جي رياست ۾ قانون جي حڪمراني ۽ انصاف جو اهم ڪردار آهي، اسان وڏين وڏين مافيائن کي قانون جي ماتحت آڻينداسين، قانون جي بالادستي بنا معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي. جيڪي گوڙ ڪري رهيا آهن، اهي پاڻ کي قانون کان مٿانهون رکڻ چاهين ٿا.