ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ٻه رڪني بئنچ مختلف علائقن مان گم ٿيل شهرين کي بازياب نه ڪرائڻ تي وفاقي گهرو سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ باوجود پوليس پاران کيس گرفتار نه ڪرڻ تي آءِ جي اسلام آباد کي وفاقي گهرو سيڪريٽري کي گرفتار ڪري 27 مئي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت آءِ جي اسلام آباد کي به ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڪالهه مختلف علائقن مان کنڀي گم ڪيل شهرين جي وارثن پاران داخل ڪيل درخواستن تي ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته وفاقي گهرو سيڪريٽري گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي، جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته وفاقي گهرو سيڪريٽري بار بار عدالتي حڪم باوجود پيش ٿي وضاحت پيش نه ڪري رهيو آهي ۽ عدالتي حڪم تي عملدرآمد نه ڪرڻ به عدالت جي ڪم ۾ رڪاوٽ وجهڻ برابر آهي. جسٽس ڪي ڪي آغا رمارڪس ڏيندي وڌيڪ چيو ته لڳي ٿو ته وفاقي حڪومت کي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي ۾ ڪا دلچسپي ناهي. وفاقي گهرو سيڪريٽري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي کليل نموني ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي عدالت اسسٽنٽ اٽارني جنرل کان پڇيو ته وفاقي حڪومت جي رپورٽ ڪٿي آهي؟ جنهن تي اسسٽنٽ اٽارني جنرل چيو ته مون وٽ ڪيس جو فائل ناهي جنهن تي جسٽس ڪي ڪي آغا ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته شهري 2015ع کان گم آهي ۽ اوهان وٽ ڪيس جو فائل ئي ناهي. عدالت شهري الله بخش جي گمشدگي تي وفاقي گهرو سيڪريٽري کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو هو پر وفاقي گهرو سيڪريٽري ڪنهن به شوڪاز نوٽيس جو جواب جمع ناهي ڪرايو. عدالت چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا ڪرڻ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڊيوٽي آهي. واضع رهي ته اربع واري ڏينهن به سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل شهرين جي 3 ڪيسن ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر جا ٽي ڀيرا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا هئا ۽ اڄ عدالت چوٿين ڪيس ۾ به وفاقي گهرو سيڪريٽري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن.