حيدرآباد (بيورو رپورٽ) آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير سهيل انور سيال انڪشاف ڪيو آهي ته سنڌ ٽه رخي فارمولي تحت 35 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ ڀوڳي رهي آهي، جڏهن ته پنجاب سميت سمورن صوبن کي 91ع واري ٺاهه کان وڌيڪ پاڻي ملي رهيو آهي، ارسا ڄاڻي واڻي سنڌ جي پاڻي جي حق تي ڌاڙو هنيو آهي، ٽه رخي فارمولي جو پاڻي ٺاهه ۾ ڪٿي به ذڪر ٿيل نه آهي، سنڌ کي فوري طور پنهنجي حصي جو پاڻي فراهم ڪري کوٽ ختم ڪئي وڃي، ڪوٽڙي بئراج تي چيف انجنيئر حاجي خان جمالي ۽ ٻين آبپاشي عملدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سهيل انور سيال چيو ته پاڻي جو اشو سياسي جنگ نه پر سنڌ ۽ ان جي ماڻهن جي جياپي جي جنگ آهي، ان ڪري ان معاملي کي پاڻي جي موجود انگن اکرن تحت حل ڪيو وڃي. هن چيو ته ارسا جو بنيادي ڪم پاڻي جي ٺاهه تي ان جي روح مطابق عمل ڪرائڻ آهي پر ارسا ان معاملي ۾ ناڪام ثابت ٿيو آهي. هن چيو ته ارسا هٿرادو طريقي سان ٺاهيل ٽه رخي فارمولي تحت پاڻي جي تقسيم ڪري سنڌ کي وڏو نقصان ڏنو آهي. هن چيو ته سنڌ کي 5 لک 17 هزار ايڪڙ فٽ پاڻي گهٽ ڏنو ويو آهي، مجموعي طور پنجاب کي 2 لک 53 هزار ايڪڙ فٽ وڌيڪ پاڻي مليو آهي. اهڙي ريت ڪي پي ڪي کي 48 هزار ايڪڙ فٽ ۽ بلوچستان کي 2 لک 18 هزار ايڪڙ فٽ وڌيڪ پاڻي ملي ٿو. ارسا هڪ ليٽر جاري ڪري گڊو ۽ سکر وٽان بلوچستان کي 1840 ڪيوسڪ پاڻي وڌيڪ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. ان لحاظ سان بلوچستان 200 سيڪڙو وڌيڪ پاڻي کڻي رهيو آهي. ارسا جي ڪوشش آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان کي ويڙهائجي پر اسان صوبا هڪٻئي سان وڙهڻ بدران وفاق ۽ ارسا کان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. هن چيو ته اسان سنڌ جي آبادگارن جو پاڻي چوري ڪري ڪراچي واسين کي پاڻي فراهم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڪراچي کي 520 ڪيوسڪ پاڻي سنڌ جي حصي مان ڏيڻو آهي جڏهن ته 700 ڪيوسڪ پاڻي جو بندوبست وفاق کي ڪرڻو آهي پر وفاق اهو پاڻي فراهم نٿو ڪري، صوبائي وزير دعويٰ ڪئي ته سنڌ جي بئراجن تي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ٿي رهي آهي. صوبائي وزير بعد ۾ ڪوٽڙي بئراج جو دورو به ڪيو ۽ آبادگارن کي صلاح ڏني ته هو في الحال ساريالو فصل نه پوکين.