اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪورونا وبا دوران 12 کرب کان وڌيڪ جي پيڪيج ۾ بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي، ناڻي وزارت رپورٽ جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. ذريعن وجب حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن تي ڪورونا خرچن جي آڊٽ جو فيصلو ڪيو هو، ڪالهه پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي ذيلي ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪورونا وبا دوران ٿيل خرچن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي آڊيٽر جنرل چيو ته ڪورونا وبا لاءِ ڏنل مالياتي پيڪيج ۾ بي ضابطگيون ٿيون آهن، ناڻي وزارت آڊيٽر جنرل کي خصوصي آڊٽ رپورٽ تي ڊسڪس ڪرڻ لاءِ وقت گهريو آهي. هن چيو ته ناڻي وزارت جي تصديق کانپوءِ خصوصي رپورٽ شايع ڪئي ويندي، ايندڙ ٻن هفتن تائين مالياتي پيڪيج بابت خصوصي رپورٽ جاري ٿيندي. هن چيو ته آڊيٽر جنرل آف پاڪستان پاران رپورٽ مڪمل ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب آڊيٽر جنرل پاڪستان کي ناڻي وزارت پاران رپورٽ جي اشاعت کان روڪيو ويو، واضح رهي ته ڪوروبا دوران 12 کرب کان وڌيڪ جو مالياتي پيڪيج ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن تي ڪورونا خرچن جي آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو.