سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس آفتاب احمد گورڙ ۽ جسٽس فھيم احمد صديقي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪيٽل ڪالوني جي سرڪاري زمين ۾ جعلسازي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، چيف سيڪريٽري داخل ڪرايل جواب ۾ چيو آهي ته عدالت ڊي سي جي درخواست تي اسٽي آرڊر ڏنو هو، ان ڪري انڪوائري ناهي ڪئي جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي لکت ۾ جاري ڪيل آرڊر ۾ ريماڪس ڏنا آهن ته چيف سيڪريٽري سنڌ کي عدالتي فيصلو نه ٿو پڙهڻ اچي، عدالتي حڪم تي عمل ڇو ناھي ٿيو؟ ڇو نه توهين عدالت جو ڪيس هلايو وڃي، عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر ڊي سي سکر راڻا عديل تصور کي هٽائي معاملي جي انڪوائري ڪري رپورٽ 25 مئي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالتي آرڊر ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته جيستائين اينٽي ڪرپشن اِن معامري جي انڪوائري مڪمل نه ٿي ڪري تيستائين ڊي سي رانا عديل تصور کي ڪا به فيلڊ پوسٽ نه ڏني وڃي. واضح رهي ته ڪجهه عرصو اڳ عدالتي حڪم تي پي ٽي آءِ اڳواڻ مبين جتوئي ۽ عملدارن مٿان ڪيٽل ڪالوني جي زمين جي رڪارڊ ۾ ڦيرڦار جو آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.