لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ ٽينڊر واري معاملي تان پراونشل بلڊنگس آفيس ۾ پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙو جي ٺيڪيدار ڀاءُ رحمت الله ابڙو، ايڪسيئين آفتاب ابڙو ۽ ملازمن ۾ هيڙي واري ڪيس ۾ گرفتار ٺيڪيدار رحمت الله ابڙو کي پوليس پنجين سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ محمد صادق بروهي جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت پاران 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي کيس جيل اماڻي ڇڏيو، ان موقعي تي پي ٽي آءِ جا ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن عدالتي هال ۾ پهتا جن ٺيڪيدار رحمت الله ابڙو سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ٺيڪيدار رحمت الله ابڙو الزام لڳائيندي چيو ته ورڪس اينڊ سروس کاتي جو صوبائي صلاحڪار نثار کهڙو لاڙڪاڻي سميت پوري سنڌ ۾ کاتي جي ايگزيڪيوٽو انجنيئرن کي مقرر ڪري 20 کان 30 سيڪڙو ڪميشن وٺندو آهي ۽ انجنيئرن مٿان اين آءِ ٽي نه ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويندو آهي، جنهن ڪري اهي انجنيئرن سان ملي ڀڳت ڪري اين ٽي آءِ جي ڪامپيٽيشن نه ڪرائيندا آهن. هن چيو ته آءُ انصاف لاءِ ضرور وڙهندس ۽ پ پ وارن جا ڪارا چٺا ۽ پول پڌرا ڪندو رهندس. هن چيو ته مون وٽ ترقياتي ڪمن ۾ ڪرپشن جا سڀ ثبوت موجود آهن، جيڪي لاڳاپيل فورم تي پيش ڪندس، هن جو چوڻ هو ته معاملي تي جڊيشري جي نگرانيءَ ۾ نيب ۽ ايف آءِ اي کان جاچ ڪرائي وڃي جنهن ۾ سڀ حقيقتون سامهون اچي وينديون.