اسلام آباد: (بيورورپورٽ) آءِ ايم ايف جي ايم ڊي پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. عالمي مالياتي فنڊ جي ترجمان ايسٽر پيريز پنهنجي بيان ۾ چيو ته وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف سان ايم ڊي آءِ ايم ايف جي تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي، جنيوا ۾ ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي سلسلي ۾ ٿي رهي آهي. آءِ ايم ايف ترجمان چيو آهي ته جنيوا ڪانفرنس جي موقعي تي آءِ ايف وفد جي پاڪستان جي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان به ملاقات جو امڪان آهي، آءِ ايم ايف پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ مدد ڪري رهيو آهي.