ڪراچي(م ڊ) تجزياڪارن جو چوڻ آهي ته دنيا پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي مدد نه پئي ڪري، جنيوا ۾ به ڊونرز ڪا دلچسپي ناهي ڏيکاري هو ملندڙ رقم خرچ ڪرڻ جو ٽائم فريم گهري رهيا آهن. ناليواري معاشي ماهر ڊاڪٽر فرخ سليم نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته جنيوا ۾  ڊونر ڪانفرنس نه آهي ان ۾ ڊونرز ڪا دلچسپي نه ڏيکاري آهي. ملڪن جي دلچسپي روس جي جنگ ۾ آهي پاڪستان جي ٻوڏ ۾ نه آهي. هن چيو ته  دنيا ڄاڻڻ چاهي ٿي ته اسان کي روڊ ميپ ڏيو ته توهان کي پئسا ڏيون ته اهي ڪيئن استعمال ڪندا.