اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ گڏيل قومن تحت پاڪستاني ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪانفرنس اڄ ٿيندي، وزيراعظم شهبازشريف اعليٰ سطحي وفد سوڌو جنيوا پهچي ويو، ڪانفرنس ۾ مختلف ملڪن جا تقريبن 250 نمائنده شرڪت ڪندا،  وزيراعظم شهبازشريف جي وفد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وزير اسحاق ڊار، موسمياتي تبديلين واري وزير شيري رحمان، سڌ سماءَ جي وزير مريم اورنگزيب به شامل آهن، وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل بيان مطابق وزيراعظم شهباز شريف 9 جنوري 2023ع تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس سان گڏ پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي موضوع تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي مزباني ڪندو، پاڪستان ڪانفرنس ۾ نئين سر تعمير ۽ ٻوڌ متاثر علائقن جي بحالي لاءِ فريم ورڪ پيش ڪندو ۽ ان کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ عالمي تعاون ۽ ڊگهي مدت جي ڀائيواري جي اهميت تي زور ڏيندو، ڪانفرنس ۾ اعليٰ سطحي افتتاحي اجلاس کانپوءِ باضابطا طور تي نئين سر تعمير ۽ بحالي جو دستاويز پيش ڪيو ويندو ۽ ان کانپوءِ پارٽنر امدادي مدد جا اعلان ڪندا، وزيراعظم ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل گڏيل پريس اسٽيڪ آئوٽ ۾ به شرڪت ڪندا، ڪانفرنس ۾ مختلف ملڪن جا سربراهه، وزير، اعليٰ سطحي نمائندا، عالمي مالياتي ادارن، فائونڊيشنز ۽ فنڊز سان گڏوگڏ عالمي ترقياتي تنظيمن، نجي شعبي، سول سوسائٽي ۽ آءِ اين جي اوز جا نمائندا به شريڪ ٿيندا. ڪانفرنس جي موقعي تي ناڻي وزير اسحاق ڊار جي آءِ ايم ايف