ڪراچي(م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ملڪ جا ناڻي ذخيرا 4 ارب رپيا رهجڻ جي ترديد ڪندي ڪمرشل بينڪن وٽ موجود 5 ارب ڊالرز کي به پنهنجو ڄاڻائي ڇڏيو، بيان تي پرڏيهي اڪائونٽ رکندڙ ۽ ملڪ کان ٻاهر ويٺل ماڻهن ۾ خوف پکڙجي ويو. حڪومت عام ماڻهن جا پئسا ضبط نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي. مليل اطلاعن موجب هڪ ڏينهن اڳ اسٽيٽ بينڪ اعلان ڪيو هو ته وٽن رڳو ساڍا 4 ارب ڊالر بچيا آهن جنهن تي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان جا ناڻي جِي مٽا سٽا وارا ذخيرا 4 نه پر 10 ارب ڊالر آهن، ڪمرشل بئنڪن ۾ پيل 6 ارب ڊالر به پاڪستان جا آهن. قرض ادائگيون وقت تي واپس ڪري رهيا آهيون، آءِ ايم ايف جو وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. هن چيو ته  جنيوا ۾ به آءِ ايم ايف اختيارين سان ملاقات ٿيندي، سعودي عرب سوڌو دوست ملڪن مان فنڊز پاڪستان منتقل ٿيڻ بعد ناڻي جي مٽا سٽا وارا ذخيرا مستحڪم ٿي ويندا. ناڻي واري وزير جي ان بيان بعد پرڏيهي ناڻي جا اڪائونٽ رکندڙ ۽ ملڪ کان ٻاهر رهندڙ ماڻهن ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي ته حڪومت ڪمرشل بينڪن جا ڊالر به ضبط ڪري رهي آهي. نجي ٽي وي موجب پرڏيهي اڪائونٽ رکندر ماڻهو ۽ ڪاروباري ماڻهو ان بيان بعد سخت پريشان آهن، پرڏيهي ڪرنسي اڪائونٽ منجمد ڪرڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. جنهن سان سندن پئسا ڦاسڻ جو خطرو آهي.