لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب اسمبلي جو هنگاماخيز اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي جنهن لاءِ حڪمران ڌر توڙي اپوزيشن پنهنجي پنهنجي حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي، نواز ليگ جو چوڻ آهي ته حڪومت وٽ گهربل 186 ميمبر پورا ناهن انڪري پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ نه پيو وٺي جڏهن ته پي ٽي آءِ چيو آهي ته پنجاب حڪومت وٽ ميمبر پورا آهن پر گورنر جو غير آئيني حڪم تي پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ نه وٺندو. تفصيل موجب پنجاب اسيمبلي جو اهم اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي جنهن جي ايجنڊا پڻ جاري ڪئي وئي آهي پر اجلاس جي ايجنڊا ۾ وزيراعليٰ جي اعتماد جو ووٽ وٺڻ واري ايجنڊا شامل نه ڪئي وئي آهي، واضح رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ پاران پرويز الاهي کان لکت ۾ اسيمبلي نه ٽوڙڻ جو حلف نامو وٺڻ بعد گورنر جو نوٽيفڪيشن 11 جنوري تائين معطل ڪيو ويو هو  ۽ پرويز الاهي کي چيو ويو هو ته اعتماد جو ووٽ ته وٺڻ ته ضروري آهي جنهن بعد پنجاب جي حڪمران جماعت پي ٽي آءِ جو چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ مشاورت ڪرڻ بعد چيو ويو هو ته 11 جنوري کان اڳ پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ وٺندو جنهن تي اسپيڪر سبطين خان 9 جنوري تي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو پر گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ  جي مشاورتي اجلاس ۾ اعتماد جو ووٽ عدالتي حڪم سان مشروط ڪري پوئتي هٽڻ کانپوءِ اسپيڪر اجلاس جي ايجنڊا ۾ اعتماد جي ووٽ واري ايجنڊا شامل نه ڪئي. ٻئي طرف گورنر بليغ الرحمان چيو آهي ته پرويز الاهي کي اعتماد جو ووٽ هر صورت وٺڻو پوندو جيڪڏهن وزيراعليٰ 11 جنوري تائين اعتماد جو ووٽ نه ورتو ته پوءِ هو سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندو جڏهن ته اسپيڪر سبطين خان چيو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ گورنر جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو آهي انڪري هاڻ ان جي ڪابه آئيني حيثيت ناهي جڏهن ته هو ڪوبه غير آئيني حڪم نه مڃيندو، ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پي ٽي آءِ وٽ پنجاب اسيمبلي ۾ اڪثريت ناهي انڪري وزيراعليٰ اعتماد جو ووٽ وٺڻ کان ڀڄي رهيو آهي، هوڏانهن  مسلم ليگ نواز پنجاب جي پارلياماني پارٽي جو پڻ اهم اجلاس سڏايو ويو آهي جنهن جي صدارت راڻا ثناءُ الله ۽ ريلوي وارو وفاقي وزير خواجا سعد رفيق ڪندا، مسلم ليگ نواز جي سمورن ايم پي ايز کي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي ته هو 11 جنوري تائين لاهور ۾ ئي رهن.