واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا چيو آهي ته پاڪستان ۾ جاري موجوده صورتحال تي نظر آهي، جمهوري قدرن، آئين، اظهار جي آزادي سڀني تي لاڳو ٿئي ٿي. آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيوملر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستاني تيل ۽ گيس جي ذخيرن تي حملا ڳڻتي جوڳا آهن. واقعي ۾ مارجي ويلن جي خاندان سان تعذيت ڪريون ٿا. زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي جي اميد رکون ٿا. هن چيو ته اڳ به چئي چڪا آهيون ته پاڪستان ۾ حالتن جو جائزو وٺي رها آهيون، اسان جي ڪنهن هڪ پارٽي يا اميدوار تي ڪا پوزيشن ناهي.  هن چيو ته جمهوري قدرن، آئين ۽ قانون، اظهار جي آزادي سڀني تي لاڳو ٿئي ٿي.