ڪراچي(نمائندن وٽان) مختلف شهرن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات، ڀتيون، ڇاپرا، وڻ، بجلي جا ٿنڀا ڪري پيا، عورت ۽ نينگريءَ سميت 4 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، بجليءَ جو نظام درهم برهم، ان سلسلي ۾ ٺل ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز مٽي جي طوفان سان برسات جو هلڪو وسڪارو، طاهر خان کوسو ڪالوني ۾ ڊاڪٽر نادر جکراڻي جي گهر جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي، جنهن سبب 4 سالن جي نينگري اقراء ڌيءُ نادر علي جکراڻي ۽ سندس ڀاءُ 5 سالن جو محمد عمر جکراڻي دٻجي فوت ٿي ويا،حادثي سبب ڊاڪٽر نادر علي جکراڻي جي گهر واري پڻ زخمي ٿي پئي جنهن کي مقامي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو،فوتي ٻارڙن جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن جيڪب آباد ۾ تيز هوا سان گڏ هلڪي برسات شروع ٿيو برسات پوڻ سبب مواصلاتي نظام متاثر بجلي بند ٿي وئي جڏهن ته برسات پوڻ کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي ويو، ڳوٺ حسين بخش بروهي ۾ برسات سبب ڀت ڪرڻ سبب پيرسن عورت مسمات حاڪم زادي دٻجي فوت ٿي وئي جڏھن ته پوٽو اسحاق زخمي ٿي پيو زخمي ۽ فوتي عورت جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف تنگواڻي ۾  گيس دڪاندار تيز برسات جي خوف دوران دل بيهڻ سبب 18سالا نوجوان ماجد چاچڙ فوت ٿي ويو نوجوان جي فوت ٿيڻ تي گھر ڀاتين۾   ڪهرام مچي ويو. ٻئي طرف دادو ۽ ڀرپاسي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ مٽي جي طوفان کان پوءِ هلڪي هلڪي برسات جي وسڪاري کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي پيو آهي ، مٽي جي طوفان ۽ هلڪي برسات سبب دادو شهر جي 15 فيڊرن ۽ ٻهراڙي جي فيڊرن تي بجلي جي سپلاءِ بند ٿي وئي.  هوڏانهن وڳڻ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ مٽي جي طوفان سان گڏ برسات، ڇاپرا اڏامي ويا، بجليءَ جو نظام درهم برهم، گرميءَ جو زور ٽٽي ويو. ٻئي طرف گڊو ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ مٽي جو طوفان مٽي جي طوفان سبب ڪيترن ئي دڪانن جا ڇپڙا اڏامي ويا ۽ وڻ ڪري پيا ، مٽي جي طوفان سبب بجلي بند ٿي وئي. هوڏانهن ڪنڌڪوٽ ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ مٽي جي تيز طوفان گجگوڙ سان برسات، گهر جو گيٽ ڪرڻ تي هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. مٽي جي طوفان سبب ڪيترائي وڻ ۽ بجلي جا ٿنڀا به ڪِري پيا بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو.