لاڙڪاڻو(رپورٽ:نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ڀرسان يوسي چيئرمين جي نوجوان ڀاڻيجي جو گوليون لڳل لاش هٿ، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر جي ڪنگا ٿاڻي جي حد کوسا ڳوٺ ويجهو پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تان ايمپائر ٽائون ڪاميٽي جي يونين ڪاميٽي هڪ تان چونڊيل چيئرمين ۽ اڳوڻي صحافي ابراهيم کوسو جي ڀاڻيجي 23 سالن جي نوجوان دلشاد پٽ دلدار کوسو جو گوليون لڳل لاش ڏسي علائقي واسين وارثن ۽ پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل ورتا بعد ۾ وارثن مقتول نوجوان جو لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪري ڇڏيو. نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جنھن جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي، ھوڏانھن علائقي ۾ چوٻول هلي رهيا آهن ته نوجوان کي فون ڪال تي گهرائي قتل ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان  ڪنگا ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعو ذاتي تڪرار لڳي رهيو آهي، شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته نوجوان کي فون ڪال ذريعي گهران گهرايو ويو جنهن کان پوءِ جوابدار مقتول نوجوان سان گڏ موٽرسائيڪل تي سوار ٿي ڪجهه مفاصلي تي کيس گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آهن. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته مقتول نوجوان جي موبائيل فون تحويل ۾ وٺي ٽيڪنيڪل طريقي سان جاچ ڪئي پئي وڃي تمام جلد واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي.